دمشق (م ڊ) شامي صدر بشارالاسد چوٿون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻي ورتو. حلف برداري تقريب ملڪي تخت گاهه دمشق جي صدارتي محل ۾ ٿي، جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سياسي ۽ مذهبي شخصيتن سان گڏوگڏ فوجي اهلڪارن شرڪت ڪئي. بشارالاسد 2000 کان شام ۾ صدارتي عهدي تي ويٺل آهي. اولهه ملڪن ۽ اسد جي سياسي مخالفن مئي ۾ ٿيندڙ چونڊن کي ناجائز ۽ شرمناڪ قرار ڏنو هو. گڏيل قومن جي اندازن موجب 80 سيڪڙو کان وڌيڪ شامي شهري غربت جي هيٺين ترين سطح جي زندگي گهاري رهيا آهن.