حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سينيئر صحافي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالارحمان سمون جي وڏي ڀيڻ حاجي اميد علي سمون جي گھرواري  لاڏاڻو ڪري وئي، مرحومه جي جنازي نماز ڄام شورو جي اولڊ پيٽاروڪاليج ڀرسان اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ صحافين، سياسي سماجي ۽ ادبي حلقن سميت مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحومه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. مرحومه جو  تڏو اولڊپيٽارو ڪاليج ڄام شورو ڀرسان اباڻي ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آھي، تڏي تي پھچي صحافين ۽ ٻين لالارحمان سمون سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تعزيت ڪئي.