ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 300 ڪيس ظاهر: صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ 147، حيدرآباد ۾ 91، ميرپورخاص ۾ 13 ، عمرڪوٽ ۾ 14، سکر ۾ 5 ، ٿرپارڪر ۾ 4، ٺٽي، خيرپور ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هلندڙ مهيني ۾5218 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.