حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن مان شاگرد سميت 2 ڄڻا پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد باءِ پاس وٽ ميمڻ ٽائون ۾ رھندڙ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد حذيفه پٽ اسلم ميمڻ اڱاري واري شام گھران نڪتو جيڪو الفلاح پيٽرو پمپ واڌو واهه واري علائقي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. نوجوان جي گمشدگي بعد سندس وارث سخت پريشان آهن ۽ انهن سوشل ميڊيا توڙي مختلف واٽس ايپ گروپن ۾ نوجوان جي گمشدگي بابت پوسٽون پڻ رکي ڇڏيون آهن. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي گمشدگي بابت ٿاڻي تي سندس وارثن پاران رپورٽ داخل نه ڪرائي وئي آهي. نوجوان جي گمشدگي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي رکيل پوسٽن ۾ موجود نمبرن تي رابطي ڪرڻ دوران نوجوان جي وارثن سڌي ريت نوجوان جي گمشدگي بابت تصديق نه ڪئي پر اڻ سڌي طريقي سان ٻڌايو ته نوجوان جي في الحال هو پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن وٽ ڳولا ڪري رهيا آهن. اتان نوجوان جي هٿ نه اچڻ بعد هو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پنهنجو موقف ٻڌائيندا. ٻئي طرف پڃاري ٿاڻي جي حد نوراني بستي جي پنجي شاھ درگاھ واري علائقي مان 38 سالن جو پورهيت محمد جمال پٽ اسلام الدين غوري به پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي. پورهيت جي ڀاءُ قمر غوري جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ڪپڙن جو ريڙھو لڳائيندو آھي. 14 جون تي صبح جو ناشتو ڪري ڪلاٿ مارڪيٽ وڃڻ جو چئي گھران نڪتو ھو جنھن کانپوءِ ھو لاڳيتو گم آهي. سندس مٽن مائٽن وٽ ڳولا ڪئي آهي پر هو ڪٿي به هٿ نه اچي سگهيو آهي جنهن بعد انهن ڀاءُ جي گمشدگي بابت پڃاري ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پوليس پورهيت جي گمشدگي بابت تصديق ڪندي ٻڌايو ته رپورٽ داخل ٿيڻ بعد انهن پورهيت جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.