گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ ھندو پنچائت جي مکي وجي ڪمار پاران ايس ايس ڊي ڌام مندر جي ملڪيت تي غريب ھندو خاندانن کي گھر ٺھرائي ڏيڻ لاءِ ڪابينا جي فيصلي واري مامري تان ھندو برادري ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آھي. اڳوڻي مکي چمن لعل، جئي پرڪاش ڪڪريجا، نريش ڪمار چينچل داس، شنڪر لعل روھڙا ۽ ٻين ڪمشنر سکر کي ھڪ گڏيل درخواست ڏني آھي، جنھن ۾ ھنن ڄاڻايو آهي ته گئوشالا جي پراپرٽي تي ايس ايس ڊي ڌام مندر ٺھيل آھي ۽ موجوده مکي وجي ڪمار ۽ سندس ٽيم چوديواري اندر ذاتي ملڪيت سمجھي ماڻھن کان 3- 3 لک رپيا وٺي گھر ٺاھي ڏيڻ چاھي ٿو کيس اھڙي عمل کان روڪيو وڃي. ھوڏانھن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پنچائت جي مکي وجي ڪمار ٻڌايو ته پنچائت جي ڪابينه جي منظوري سان شھر جي غريب پورھيت ھندو گھراڻن کي پنھنجي خرچ تي گھر ٺھرائي ڏيڻ لاءِ 12 گھرن جي رٿا ڪئي آهي ۽ کائن ايڊوانس طور ڏيڍ ڏيڍ لک رپيا وٺي ماھوار ھڪ ھزار رپيا مسواڙ تي کين گھر ڏنا ويندا ۽ اھڙي لکت پڻ ڪئي ويندي، جڏھن ته ان لاءِ اسان کي 200 گھراڻن جي حمايت حاصل آهي پر ڪجهه ماڻھو مخالفت ڪري رھيا آھن مکي وڌيڪ چيوته ڪمشنر سکر وٽ پيش ٿي سمورا ثبوت سندس آڏو رکندس ته اڳوڻي مکي چمن لعل ڪيئن مندر جي ملڪيت کپائي ھئي.