حيدرآباد عدالت پاران کنڀي گم ڪيل شاگرد جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

0
361
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل شاگرد جي بازيابي لاءِ گهرو کاتي کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نومبر 2020ع ۾ ڄام شورو مان کنڀي گم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد سرويچ نوحاڻي جي بازيابي لاءِ وارثن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواستگذار سرويچ جي ڀاءُ عدالت کي آگاهي ڏني ته ايس ايس پي ڄامشورو جي سربراهي ۾ جڙيل جاچ ڪميٽي 6 مهينا گذرڻ باوجود ڀاءُ جي ڳولا لاءِ تحرڪ نه ورتو آهي، گهرو کاتي کي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي ته جيئن شاگرد جي بازيابي يقيني بڻجي سگهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد گهرو کاتي کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.