دادو (رپورٽر) دادو ۾ مهانگيون شيون وڪڻندڙ دڪاندارن تي هزارين رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ان ڏس ۾ اسٽنٽ ڪمشنر محمد علي لنڊ پاران مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازمن ۽ پوليس اهلڪارن سان گڏ سبزي ، ڦروٽ ، مڇي ، مرغي جي دڪانن ۽ ريڙهن تي ڇاپا هڻي ريٽ لسٽ کان وڌيڪ اگھه تي سبزي، ڦروٽ، مڇي، مرغي ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪندڙ خالد ملاح، محمد يوسف، محمد خان، اسماعيل، خادم سميت 20 ڄڻن تي 500 کان 2000 رپيا ڏنڊ هنيو آهي، دڪاندارن، ريڙهن وارن اسٽنٽ ڪمشنر آڏو دانهون ڪيون ته سبزي منڊي وارا ۽ واپاري اسان کي وڌيڪ اگھه تي سبزي، ڦروٽ، مڇي، مرغي ۽ ٻيون شيون ڏين ٿا توهان انهن کان پڇا ڪيو اسان غريبن ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟ جو روز اسان تي ڏنڊ ٿا هڻو ، ڪمايون 500 ۽ اهي به توهان ڏنڊ ۾ وٺي وڃو ته اسان پنهنجا ٻچا ڪٿان پاليون ، اسسٽنٽ ڪمشنر دڪاندارن کي چيو ته ريٽ لسٽ تحت سبزي ، ڦروٽ ، مڇي وڪرو ڪيو وڌيڪ اگھ وٺندون ته ڏنڊ هنيو ويندو.