مانجھند (ن پ ا) مانجھند انڊس ھاءِ وي جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي، جنهن جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ سوين حياتيون زيان ٿي چڪيون آهن، ڄامشورو کان سيهوڻ تائين 150 ڪلو ميٽر جي سنگل روڊ کي ڊٻل ڪرڻ جو ڪم 2018 ۾ شروع ٿيو جيڪو، 3 سال گذرڻ باوجود روڊ مڪمل تعمير نه ٿي سگھيو آهي. ھيوي ٽريفڪ سبب کاڻوٺ کان سن تائين انڊس ھاءِ وي ڊبل روڊ مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن. جنوري 2021 کان ھلندڙ مھيني تائين 60 کان مٿي ھن روڊ تي حادثا ٿيا آھن ۽ انھن روڊ حادثن ۾ تقريبن 30 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿيون آھن. سون جي تعداد ۾ ماڻھو زخمي پڻ ٿيا آھن، ان مان اندازو لڳائجي ته ھنن ايترن سالن ۾ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون ھونديون. ڄامشورو کان سيوهڻ تائين ھن روڊ تي ڪٿي به ٽراما سينٽر نه آھي، نه ئي تعلقي اسپتال مانجھند ۽ سن اسپتال ۾ ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪي سھولتون موجود آھن. تعلقي مانجھند جي رھواسين جو چوڻ آهي ته جنوري 2021ع کان هيل تائين چئن مهينن ۾ 60 روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انتظاميا ڌيان ڏي. هنن اپيل ڪئي آھي ته ڄامشورو انڊس ھاءِ وي ڊبل ڪرڻ جو تعميراتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن روڊ حادثن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ۽ وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگھن.