حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي ۾ قائم رليف ڪئمپن ۾ وڌيڪ 389 متاثر بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. صحت کاتي پاران رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي ٽن رليف ڪئمپن ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڄاڻايل مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. صحت کاتي موجب 47 ڄڻن کي ڊائريا ٿي آهي جڏهن ته 128 متاثر چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا بڻجي ويا آهن. اکين جي انفڪيشن جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته مليريا جي 22 شڪي مريضن جون ٽيسٽون ڪرايون ويون آهن. ميڊيڪل ڪئمپن دوران 123 ڄڻن کي ساهه جي بيمارين جي تصديق ٿي. 37 ڄڻا مختلف مرضن ۾ مبتلا هئا. سٽي جي هڪ ڪئمپ ۾ 130، لطيف آباد جي ڪئمپ ۾ 100 ۽ قاسم آباد جي ڪئمپ ۾ 159 مريضن جو علاج ڪيو ويو.