ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب 4 پورهيتن جا گهر سڙي رک، خبر موجب چڪ نمبر 30 ۾ چلھه جي چڻنگ مان گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پورهيتن دائم شر، دلبر شر، قائم شر ۽ علي نواز شر جا ڪکانوان گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل سونا زيور، ٻه لک روپيا روڪ رقم، 30 مڻ اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.