غوثپور  ڏھ ڏينھن اڳ شھر ڀرسان ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ مڙس ھٿان مبينه گھٽا ڏيئي قتل ٿيل چئن ٻارن جي ماء مسمات ممتاز شيخ جي قتل جو نبيرو شيخ برادري جي چڱي مڙس عبدالحليم شيخ جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو۔ جنھن ۾ الزام ھيٺ آيل مسمات ممتاز شيخ جي مڙس نظير احمد شيخ مٿان پنڌرھن لک ڏنڊ وجھي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو ڏهه ڏينهن اڳ نظير شيخ  پاران پنهنجي زال ممتاز شيخ کي قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس مقتولا جي والد جي فرياد تي مقتولا جي مڙس نظير شيخ سميت پنج ڄڻن خلاف غوثپور ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.