حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ٻئي ڏينهن به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. شهر ۾ 18 اپريل تي 30 ملي ميٽر برسات پئي هئي. برسات بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو هو. ضلعي انتظاميا ابتدائي طور برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پمپنگ اسٽيشنز کولرائي پاڻي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر اهو سلسلو گذريل ڏينهن بند ٿي ويو جنهن ڪري اولڊ وحدت ڪالوني، ريلوي ڪوارٽرز، اسٽيشن روڊ، حالي روڊ، مرزا پاڙو، لياقت ڪالوني، پريٽ آباد، ڪلاٿ مارڪيٽ، جي او آر ڪالوني، لطيف آباد توڙي قاسم آباد جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل رهيو. گهٽين ۽ رستن تي برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهرين کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت ڏکيايون پيش آيون. هوڏانهن حيسڪو پاران 30 ڪلاڪن بعد شهر جي مختلف علائقن ۾ بند ٿيل بجلي بحال ڪئي وئي هئي. شهرين مطالبو ڪيو ته سندن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.