ٺري ميرواهه: نينگر کي ڳلي ۾ تار وجهي مبينا قتل ڪرڻ جي ڪوشش

0
424

ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه ويجهو جوابدارن پاران نينگر کي ڳلي ۾ تار وجهي مبينا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڳوٺ ڪڻڇي واسي12 ورهين جي زين العابدين پٽ صوبل جروار کي زخمي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪبوترن جي ڳالهه تان نينگر کي ڳچي ۾ تار وجهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.