حيدرآباد جي عدالت پاران ٻن ڀينرن جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
301

حيدرآباد: حيدرآباد جي عدالت ٻن ڀينرن کي مبينا طور اغوا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. سيري ٿاڻي جي ڳوٺ مجنون چانگ جي رهواسڻ سڪينا شيخ وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته 10 جون تي منهنجي ٻن ڌيئرن 22 سالن جي سيڪنا ۽ 13 سالن جي سلميٰ کي جوابدار زبردستي گهران اغوا ڪري ويا آهن، عورت جو موقف هو ته پوليس نياڻين کي اغوا ڪندڙ جاويد, علي حسن, نرسنگ ۽ گلو خلاف ڪيس داخل نه ٿي ڪري. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته ٻنهي ڀينرن جي اغوا ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.