گڊو (ن پ ا) گڊو ويجهو تنگواڻي واسي قران جو حافظ قتل، روڊ تي پيل لاش هٿ، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. خبر موجب ڳوٺ اقبال کوسو ڀرسان تنگواڻي جي رهواسي حافظ عبدالرحمان بهلڪاڻي جو روڊ تان گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين جي اطلاع تي گڊو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪري ڇڏيو، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته گذريل رات دير سان ڪنھن ڪم سانگي حافظ عبدالرحمان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي تنگواڻي کان ڊيرا موڙ ويو ھو، جنهن بعد سندس ڪو به ڏس پتو نه هو، جڏهن ته صبح جو سندس لاش مليو. اطلاع تي مقتول جا وارث وڏي انگ ۾ ڪشمور تعلقه اسپتال پھتا، جتي ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وصول ڪيو. گڊو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ظاھري طور تي لڳي ٿو ته ڦر جي ڪوشش تان قتل ٿيو آهي، معاملي بابت مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب مقتول جو موبائل نمبر جو سي ڊي آر رڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، انشاءَ الله قتل معاملي ۾ جلد اڳڀرائي ٿي ويندي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.