لاڙڪاڻو: تيزاب هاري زخمي ڪيل ماءُ ۽ ڌيءُ جي وارثن جو احتجاج

0
922

لاڙڪاڻو: باڊهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙا ۾ 15 ڏينهن اڳ مبينا طور دوستي نه رکڻ واري ڳالهه تان جوابدار پاران تيزاب هاري زخمي ڪيل عورت حاڪم زادي ۽ سندس 10ورهين جي نينگري سلميٰ جو مبينا طور چانڊڪا اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ خلاف وارثن اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت جي مڙس غلام اڪبر شاهاڻي ٻڌايو ته 15 ڏينهن اڳ جوابدار خان محمد جوڻيجو دوستي نه رکڻ تان گهر واري ۽ ڌيءَ مٿان تيزاب هاري کين زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙو ڪيس داخل هئڻ جي باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن الزام لڳايو ته منهنجي گهر واري ۽ ڌيءَ گذريل 15 ڏينهن کان اسپتال ۾ آهن پر سندن جو بهتر علاج نه ٿو ڪيو وڃي جن جي حياتين کي پڻ خطرو آهي پر اسپتال انتظاميه طرفان کين ڪراچي اسپتال داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن چيو ته آءُ غريب پورهيت آهيان ايتري سگهه ناهي جو گهر واري جو ڪراچي مان علاج ڪرائي سگهان. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري گهر واري ۽ ڌيءَ جو علاج ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.