قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪورونا ويڪسين جا 10 وائل غائب، انڪوائري شروع

0
223

ڪراچي: قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ اسٽرا زينيڪا ويڪسين جا 10 وائل غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صحت کاتي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪورونا کان بچاء وارو اسٽرا زينيڪا جو هڪ وائل 10 ماڻهن کي لڳايو ويندو آھي، قمبر ضلعي مان گم ٿيل 10 وائل 100 ماڻهن جي ويڪسين کان بچاء واري خوراڪ هئي. اسٽرا زينيڪا جا وائل گم ٿيڻ بعد صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊي ايڇ او قمبر خلاف کاتي وار جاچ شروع ڪري ڇڏي. سيڪريٽري جي ڊي ايڇ او قمبر کان تفصيل طلب ڪيا آهن ته ڪورونا کان بچاء وارا ويڪسين ڪيڏانهن ويا؟ ڪٿي استعمال ٿيا ؟ رڪارڊ ڏنو وڃي.