لاهور(م ڊ) گجرانوالا جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي پوليگرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جي درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. عمران خان تي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪالهه ٿي، جوابدار نويد بشير جي وڪيل ميان دائود ايڊووڪيٽ دليل ڏنا. عدالت عمران خان ۽ سمورن زخمين جي جي پوليگرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. نويد جي وڪيل چيو ته جوابدار جي پوليگرافڪ ٽيسٽ ٿي سگهي ٿي ته سڀني زخمين ۽ شاهدن جي ڇو نه؟ عمران خان، سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ ٻين زخمين جا موبائل فون اهم شاهدي ٿي سگهن ٿا، ان ڪري عمران ۽ ٻين زخمين جا موبائل فون قبضي ۾ ورتا وڃن. هن چيو ته جي آءِ ٽي اصل ثبوٿ گڏ نه پئي ڪري، جوابدر جي مبينا فون جي فارنزڪ ٽيسٽ ٿي سگهي ٿي ته سڀني زخمين ۽ شاهدن جي فون جي ڇو نه؟ جي آءِ ٽي جاچ ۾ جوابدار نويد سان امتيازي سلڪ ڪري رهي آهي. زخمين جي ميڊيڪل رپورٽ ڪيس لاءِ گهربل آهن. عدالت ميڊيڪل رپورٽون وڪيل کي ڏيڻ جي هدايت ڪندي نوٽيس جاري ڪيا ۽ 19 جنوري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.