لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي رمضان شوگر ملز کي اين او سي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي حڪم باوجود رمضان شوگر ملز کي اين او سي جاري نه ڪرڻ واري درخواست تي جسٽس شاهد ڪريم ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ رمضان شوگر ملز کي اين او سي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر عدالتي حڪم باوجود اين او سي جاري  ناهي ڪئي وئي. وڪيل چيو ته رمضان شوگر ملز اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا شرط پورا ڪيا پر سياسي رنجشن جي بنياد تي اين او سي جاري ناهي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت طرفان جواب جمع نه ڪرايو ويو جنهن تي عدالت ڊي جي ايڪسائز کي سڀاڻي جواب سميت ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود اين او سي جاري ڇو ناهي ڪئي وئي؟ پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم خلاف اپيل ڪري رهيا آهيون. جسٽس شاهد ڪريم چيو ته جيستائين عدالتي حڪم موجود آهي ان تي عمل ڇو نه پيا ڪريو. لاهور هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پنجاب حڪومت کي رمضان شوگر ملز کي اين او سي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اُڪلائي ڇڏي.