حمزه شھباز نه پر عثمان بزدار پنجاب جو وڏو وزير آھي: پرويز الاھي

0
150

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ ئي ناهي ٿي، اسان هن معاملي تي عدالت سان رابطو ڪيو آهي، سڄو مسئلو پوليس جي حملي سبب ٿيو آهي ۽ شهباز شريف جي چوڻ تي پوليس اسيمبلي ۾ حملو ڪيو هو

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪير ٿو چوي ته پنجاب ۾ آئيني بحران آهي، نئون وڏو وزير اچڻ تائين عثمان بزدار وڏو وزير آهي ۽ سندس اختيار بحال آهن

ان موقعي تي راجا بشارت چيو آهي ته اڻ چونڊيل ۽ غيرآئيني وڏو وزير چوي ٿو ته کيس اقتدار ڏنو وڃي، هي لوٽن جي ووٽ سان چونڊجڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ جا 26 باغي ميمبرز ڪڍو ته نواز ليگ جي اڪثريت ختم ٿي ويندي

ھي به پڙھندا

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو