پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

0
175
پنجاب اسيمبلي جي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي صوبائي اسيمبلي جو اڄ جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، اسپيڪر آفيس طرفان اجلاس 16 مئي تائين ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس به تياريون مڪمل ڪري ورتيون هيون

ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس به تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

ذريعن موجب اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪرڻ جو ڪو به سبب نه ٻڌايو، پر ٻڌايو پيو وڃي ته اسپيڪر پنجاب اسيمبلي اجلاس امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملتوي ڪيو

اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته شريفن پنهنجو اصل چهرو ڏيکاريو آهي، ن ليگ آءِ جي پنجاب کي استعمال ڪري رهي آهي، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ منهنجو اختيا۽  صوابديد آهي

واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ اڄ پيش ٿيڻي هئي

ھي به پڙھندا

جهيڙو يا پرامن ڪارروائي؟ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪرخلاف بي اعتمادي رٿ اڄ پيش ڪئي ويندي