جهيڙو يا پرامن ڪارروائي؟ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪرخلاف بي اعتمادي رٿ اڄ پيش ڪئي ويندي

0
147

ڪراچي (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ اڄ ٻيهر جهيڙو ٿيندو يا ڪارروائي پرامن طريقي سان ٿيندي، ڪجهه دير ۾ خبر پئجي ويندي، پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ اڄ پيش ڪئي ويندي، اجلاس جي صدارت اسپيڪر پرويز الاهي ڪندو، اجلاس جو ايجنڊا پڻ جاري ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي خلاف به بي اعتمادي جي رٿ جمع ٿيل آهي، پر اسيمبلي جي قانون موجب دوست محمد مزاري جي خلاف پهرين بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي ان ڪري پهرين ان تي ووٽنگ ٿيندي

هن کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ عمل دوران اسيمبلي ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٻئي زخمي ٿيا هئا