لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر نواز ليگ جو ايجنٽ آهي، کيس عهدي تي رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي، منهنجي خلاف پهريان سازش پوءِ مداخلت ٿي. چاهيان ٿو ته منهنجي ڪال تي 20 لک ماڻهو اسلام آباد اچن. عمران خان لاهور ۾ ڪارڪنن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته امپورٽيڊ حڪومت وسيلي آمريڪا اسان کي فتح ڪرڻ کان سواءِ ڪنٽرول ڪندو. آمريڪا چيو ته جيڪڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته پاڪستان کي نقصان کي برداشت ڪرڻُو پوندو. اسان جي حڪومت خلاف پهريان سازش ٿي پوءِ مداخلت ٿي. پاڪستان جي لاءِ هي فيصلي جو وقت آهي. اوهان کي ايندڙ ڏينهن جو لائحه عمل ڏيڻ لاءِ هتي آيو آهيان. عمران خان چيو ته سڀاڻي رات جو اسان دعا جو اعلان ڪيو آهي. اوهان کي رات جو 10 وڳي دعا ۾ شرڪت ڪرڻي آهي. مولانا طارق جميل ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ دعا ڪرائيندو. لاهور جي ڪارڪنن جو ايندڙ ڏينهن دوران اهم رول آهي. اوهان کي گهٽين، محلن ۾ عوام وٽ وڃي تبليغ ڪرڻي آهي. عمران خان چيو ته منهنجي ڪال تي گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ماڻهو اسلام آباد پهچندا. اوهان کي عوام کي هڪ هڪ ڳالهه ٻڌائڻي آهي هي مير جعفر ۽ چيري بلاسم آهن. جيڪڏهن اهي ڪامياب ٿي ويا ته پاڪستان ڪڏهن به ٻاهرين سازش جو مقابلو نه ڪري سگهندو. هي ڪڏهن به پنهنجي ملڪ جي لاءِ نه بيهندا. هنن خلاف جيڪي ڪيسز آهن اهي هنن جي پنهنجي دور ۾ ٺهيا آهن. هي وري گڏ ٿي ڦرون ڪندا. هي پنهنجي ۽ پنهنجي وزيرن مٿان سمورا ڪيس ختم ڪندا. شهباز شريف اين آر او 2 چاهي ٿو. چورن جي ٽولي کي اين آر او 2 مليو ته ملڪي انصاف جي نظام جي قبر کوٽي ويندي. هنن جا اربين رپين جا ڪيس ختم ٿي ويندا، جنهن بعد هي وري ڦرلٽ ڪندا جنهن ۾ هو دفن ٿي ويندا ۽ اسان جون عدالتون صرف ننڍن چورن کي پڪڙينديون. عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر راجا سلطان(ن) ليگ جو ايجنٽ آهي. اسان کيس ڪڏهن به تسليم نه ٿا ڪريون اليڪشن ڪميشن ۾ هي اڪيلو ماڻهو ويهي فيصلا ڪندو آهي ۽ ان جا سمورا فيصلا صرف تحريڪ انصاف خلاف اچن ٿا. جڏهن کان اسان جي حڪومت آئي اسان هن کي چوندا رهياسين ته ٽنهي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ جا ڪيس گڏجي ٻڌا وڃن رڳو پي ٽي آءِ کي ڇو ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو آهي؟ اها هنن جي سازش آهي ڇاڪاڻ ته هنن کي خبر آهي ته پاڪستان جي ڪا پارٽي پي ٽي آءِ کي نه ٿي هارائي سگهي. اليڪشن ڪميشن ٻڌي وٺي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي کي هنن تي ڪو اعتبار ناهي، توهان وٽ ڪو اخلاقي جواز نه آهي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجڻ جو ان لاءِ توهان کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، جيستائين امپائر نيوٽرل نه هجي ميچ نه ٿي کيڏي سگهجي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا پئسا فارين فنڊنگ ته نه آهي، ائين ته پاڪستان به فارين فنڊنگ تي هلي هريو آهي، اهي پئسا نه اماڻين ته پاڪستان به نه هلي سگهي. هن چيو ته مينار پاڪستان جلسي جي ڪاميابي جي توهان ئي مبارڪ ڏيان ٿو 26 سالن ۾ ميبار پاڪستان تي ايترو وڏو جلسو نه ڏٺو اٿم. هن چيو ته 1950ع ۾ اهڙو ئي سازشي پلان ايران خلاف به جوڙيو ويو هو جڏهن انهن جو به هڪ آزاد وزيراعظم هو، ان جو نالو مصدق هو، هن فيصلو ڪيو ته ايران جي تيل جو فائدو ڪنهن ٻئي ملڪ کي نه ايران کي ٿيڻ گهرجي ان لاءِ ان کي هٽرايو ويو جنهن کي رجيم چينج چون ٿا، ان ڪم لاءِ هنن ميڊيا کي به پئسا کارايا جنهن سندن وزيراعظم جي ڪردار ڪشي ڪئي، پئسا ڏئي لانگ مارچ به ڪرايو ويو. هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي خبر هئي ته خط حقيقت آهي جنهن جي قومي سلامتي ڪاميٽي به تصديق ڪري ڇڏيا پر ٿي سگهي ٿو جيڪي ماڻهو اڻ ڄاڻائي ۾ ان سازش جو حصو بڻيا ۽ پئسا وڍي لوٽا بڻيا انهن کي ان سازش جي خبر نه هجي پر ڇا انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي، هي ايندڙ نسلن کي پيغام ڏيڻ چاهين ٿا، پوري قوم جو مطالبو آهي هنن خلاف روز جي بنياد تي ڪيس ٻڌا وڃن. هن چيو ته اسان 80 هزار ماڻهن جون قربانيون ڏنيون، اسان جي قوم کي ڏکيائين کي ان ڪري منهن ڏيڻو پيو جو اسان جي ملڪ جي سربراهه ڪنهن ٻئي ملڪ جي مفادن لاءِ پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان کي جڏهن هي ملڪ مليو ته ان جو ڏيوالو نڪري چڪو هو، اسان ان کي سنڀاليو ته ڪورونا اچي ويو، دنيا اسان جي ساراهه ڪئي، 11 سالن ۾ سڀ کان گهٽ خسارو اسان جي ٽئين سال ۾ ٿيو، 5 فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، شگر مافيا خلاف ايڪشن کنيو، ماڻهن کي نوڪريون مليون ان سڀ جي باوجود ميڊيا تي اسان جي خلاف مهم هلائي وئي. شهباز شريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ايف آءِ اي ۾ بدليون ڪيون هاڻ طاقتور چورن کي اسان جو نظام پڪڙي نه سگهندو. هن چيو ته آمريڪي سفارتخانو اسان جي انهن ماڻهن سان ملي رهيو هو جيڪي بعد ۾ لوٽا ٿي ويا، انهن کي پرڏيهي پاليسي جي ڪا خبر نه هئي پر کين خبر هئي ته اهي ماڻهو ڪجهه اسان کان ڪاوڙيل آهن، ان لاءِ انهن سان ملاقاتون شروع ڪيون ويون. پوءِ 7 مارچ تي ڊونلڊ لو اسان جي سفير سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي، کيس اڳ ۾ ئي خبر هئي، هن چيو ته اها بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو اسان ۽ يورپي يونتن پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏينداسين، عمران خان کي هٽايو ويو ته اسان پاڪستان کي معاف ڪري ڇڏينداسين.