ممبئي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا صبا قمر چيو آهي ته ڀارت جي صف اول جون اداڪارائون به سندس اداڪاريءَ جون مداح آهن. صبا اهڙي ڳالهه جو انڪشاف پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جهن جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن هن فارتي فلم “هندي ميڊيم” سائن ڪئي هئي، ان وقت مان محسوس ڪري رهي هيس ته منهنجي ڪيريئر جو سڀ کان خراب پروجيڪٽ ثابت ٿيڻ وارو آهي ڇوته سندس سامهون مڃيل ۽ مشهور اداڪار عرفان خان هو. هن چيو ته جڏهن مون ڀارتي فلم ڪري ورتو ته مونکي گهڻي پذيرائي ملي. اداڪار رشي ڪپور ۽ نيتو سنگهه به ساراهيو، نيتو سنگهه کي منهنجو هر ڊرامو ڏٺل آهي. صبا قمر وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه منهنجي ڪم جي امريتا سنگهه ۽ وديا بالن به ڀرپور تعريف ڪئي. هن ٻڌايو ته وديا بالن مونکي ڀارت مان خاص طور تي ڪال ڪئي هئي ۽ منهنجي ڪم کي ساراهيو هو.