لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 28 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ  اڳواڻ حماد اظهر، ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان اسلم اقبال، عمير نيازي، مراد راس، جمشيد چيمه، مسرت جمشيد، اعجاز چوڌري، ياسر گيلاني، عندليب عباس ۽ ٻيا لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير شفقت محمود جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل استدعا ڪئي ته شفقت محمود جو آپريشن ٿيو آهي کيس اڄ حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. پوليس اڃا تائين جوابدارن تي مڙهيل الزام ئي نه پئي ٻڌائي، پوليس الزامن بابت ڄاڻ ڏيندي ته حمتي بحث ڪنداسين. جنهن بعد عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 28 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.