ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ليڊي اهلڪار ۽ سندس ڀاءَ تي تيزاب سان حملو ، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل، پوليس موجب سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ گلزار هجري ۾  اڻڄاتل جوابدارن  ليڊي اهلڪار گلزاره مشتاق ۽ سندس ڀاءَ رضوان مشتاق تي تيزاب سان حملو ڪيو. پوليس موجب رضوان پنهنجي ڀيڻ گلزاره کي موٽرسائيڪل تي ڊيوٽي لاءِ ٿاڻي تي ڇڏڻ اچي رهيو هو. پوليس موجب ٻنهي زخمين کي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي، ذاتي دشمني سميت ٻين رخن کان جاچ جاري آهي، جوابدارن ليڊي اهلڪار کان ڦرلٽ به ڪئي