ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جوڊيشل  مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ درخواست گذار عبدالاحد طرفان پي ٽي آءِ  ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عامر لياقت مشهور ٽي وي ميزبان ۽ سياستدان هو، سندس اوچتي موت بابت سندس مداحن کي خدشا آهن، شڪ آهي ته عامر لياقت کي جائداد جي تڪرار تان قتل ڪيو ويو، ان ڪري عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، عدالت درخواست تي عامر لياقت جي وارثن ۽ پوليس کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالت ايس ايچ او برگريڊ کي 18 جون تي طلب ڪري ورتو آهي