جهنڊومري (ن پ ا) ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني کي ڀيٽ پيش درگاھ سيد عثمان شاھ تان ايڊووڪيٽ سيد ميرل شاھ جي اڳواڻي مرڪزي جلوس برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا. چئن ٿاڻن عمرساند، ڊاسوڙي، مشائخ هوٿي، پيارولنڊ جي ايس ايچ او ڊي ايس پي جهنڊومري سميت رينجرز جي 12 اهلڪارن سميت 150 سيڪيورٽي اهلڪارن پنهجون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون. جلوس جي داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪري سخت سيڪيورٽي هيٺ جلوس ڪڍيو. انهي موقعي تي قافلي جي سالار سيد ميرل شاھ چيو ته هي قديمي جلوس آھي، جنهن کي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصو ٿيو آھي.