امريڪي صدر ڪال نٿو ڪري ته ڇا ٿيو، ٻيا ته ڪن! وزيراعظم هائوس پاران يورپي اڳواڻن جي فون ڪالز جا پوسٽر جاري

0
695

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي آفيس پاران جاري ڪيل اهي پوسٽر سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرن جو سبب بڻيل آهي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان کي يورپي اڳواڻن پاران ڪيل فون ڪالز بابت مشهوري ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم کي برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن، جرمني جي چانسلر اينجلا مرڪل ۽ ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽ فريڊرڪسن جي فون ڪالز وارن پوسٽرن تي سوشل ميڊيا صارفين تبصرا ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي وزيراعظم کي امريڪي صدر فون ڪال نٿو ڪري ته ڇا ٿيو، ٻيا ته ڪن ٿا. هڪ صارف لکيو ته ڇا بائيڊن کي پنهنجو پوسٽر ناهي ٺهرائڻو؟ ٻئي صارف لکيو ته اسان کي ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني ته يورپي اڳواڻن جون فون ڪالز وصول ڪرڻ عظيم حاصلات آهي.