ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) محرم جي دوران امام بارگاهن ۽ جلوس جي گذرگاهن تي سهولتون نه ڏيڻ ڪري ٿاڻوبولاخان جي عزادارن ٽائون ڪاميٽي ٿاڻوبولاخان خلاف امام بارگاه سيد روشن شاه جيلاني کان پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان تائين مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. رستم علي خاصخيلي، عجيب سوڍاڻي، نادر خاصخيلي، شاڪر خاصخيلي، سرور، راشد، صمد خاصخيلي، قيصر ڪوري ۽ ٻين چيو ته جلوسن جي گذرگاهن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن جلوس جي گذرگاهن تي روشني جو ڪو بندوبست نه ٿيل آهي. امام بارگاهن تي پيڻ لاء مٺو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. ڊي سي ڄامشورو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جا سمورا مطالبا ڪري سهولتون ڏنيون وڃن بي صورت ۾ ٽائون ڪاميٽي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.