گھوڙاٻاري (ن پ ا) پيرپٺو ۽ ڀرپاسي ڪربلا جي شھيدن جي لازوال قربانين جي ياد ۾ مجلسن ۽ عزادارين جو سلسلو جاري آهي، رپورٽ موجب شھداءِ ڪربلا جو ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ کان برآمد ٿيو، جيڪو سخي ڏاتار امام بارگاھ کان گذرندو قديم علم پاڪ مسجد پھتو، جتي سالياني مجلس عزا ٿي، بعد ۾ نوحا خواني پڻ ٿي، جتان جلوس گذرندو مرڪزي امام بارگاھ پھتو.