جي ڊي اي اڳواڻ غوث بخش مهر پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
459

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) عام چونڊن کان اڳ اهم شخصيتن جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي

ان حوالي سان ڪالھ  شڪارپور ضلعي جي اهم سياسي شخصيت  ۽ جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر سان سندس رھائشگاھ  تي سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاھ ، پ پ سنڌ جي صدر نثار  کهڙو

صوبائي ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين  پهچي ملاقات ڪئي، جنهن دوران  غوث بخش مهر پپيلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ، انهي ملاقات ۾ غوث بخش مهر  جو پٽ  ۽ شڪارپور  جو اڳوڻو ضلعي ناظم عارف مهر به موجود هو

جڏهن ته غوث بخش مهر جو ننڍو پٽ  ۽ جي ڊي اي ايم پي اي شهريار مهر پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري ملاقات ۾ شامل نه  ٿي سگهيو ، ھوڏانھن  پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ غوث بخش مھر چيو ته پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظھار ڪندي پ پ ۾ شامل ٿي رھيو آھيان