پهريون ڀيرو يوڪريني پرڏيهي وزير پاڪستان ياترا تي پهچي ويو

0
258
پهريون ڀيرو يوڪريني پرڏيهي وزير پاڪستان ياترا تي پهچي ويو
پهريون ڀيرو يوڪريني پرڏيهي وزير پاڪستان ياترا تي پهچي ويو

اسلام آباد: 30 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو يوڪرين جو پرڏيهي وزير پاڪستان ياترا تي اسلام آباد پهچي ويو

يوڪريني پرڏيهي وزير دمتريو ڪاليبا پرڏيهي وزارت جي آفيس پهتو ته پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سندس آجيان ڪئي

گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن چاهي ٿو، جنگ واري ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڪستان يوڪرين جي عوام جي پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪئي هئي

يوڪريني پرڏيهي وزير چيو ته ڏکي گهڙيءَ ۾ دوست ئي هڪ ٻئي جي ڪم ايندا آهن، اسان به 2 سال اڳ خوراڪ جي کوٽ دوران پاڪستان جي مدد ڪئي هئي، پاڪستان سان معاشي، اقتصادي ۽ فوڊ سيڪيورٽي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون