بلوچستان ۾ اختر مينگل ۽ شفيق مينگل جي حامين ۾ ڇڪتاڻ: راڪيٽ لانچر فائر

0
419
بلوچستان ۾ اختر مينگل ۽ شفيق مينگل جي حامين ۾ ڇڪتاڻ: راڪيٽ لانچر فائر
بلوچستان ۾ اختر مينگل ۽ شفيق مينگل جي حامين ۾ ڇڪتاڻ: راڪيٽ لانچر فائر

بلوچستان جي وَڍ شهر ۾ فائربندي واري  اعلان تي عمل نه ٿيو، ڌرين جي مورچابند ٿي ٻيهر فائرنگ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي

خضدار ضلعي جي علائقي وڍ شھر ۾  مينگل ڪوٽ تي حملي کانپوءِ  ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي

اختر مينگل ۽ شفيق مينگل جي حامين  پاران هڪ ٻئي تي فائرنگ توڙي مارٽر گولا فائر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

گولا ڪرڻ سبب گورنمينٽ ڪاليج جي  عمارت کي سخت نقصان پهتو،  شهرين ۾ خوف واري صورتحال آهي، جڏهن ته قبائلي سردارن طرفان فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

وفاقي حڪومت پاران قانون نافذ  ڪندڙ ادارن کي وڍ شهر جي حالتن  کي ڪنٽرول ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن

ذريعن موجب اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جي  مداخلت تي ڌرين اڄ شام تائين  فائربندي جو اعلان ڪيو هو