جي ڊي اي اميدوار جو منظور وساڻ تي ضابطه اخلاق ٽوڙڻ جو الزام

0
425
جي ڊي اي اميدوار جو

خيرپور (رپورٽر) ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي تي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان جنرل ڪائونسلر جي اميدوار پنهل ٽالپور اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ڏانهن خط اماڻي ڇڏيو آهي

پنهل ٽالپور موڪليل خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پ پ اڳواڻ ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار منظور وساڻ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، منظور وساڻ پ پ اميدوارن جي چونڊ مهم هلائي رهيو آهي ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪرائي پ پ اڳواڻن جي ورڪ ڪري اليڪشن ڪميشن جي چونڊ ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي آهي

اماڻيل خط ۾ هن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته منظور وساڻ وڏي وزير جو صلاحڪار هجڻ ڪري هڪ اهم سرڪاري منصب تي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي واضح هدايتن موجب سرڪار سان لاڳاپيل ڪوبه فرد چونڊ سرگرمين کان پري رهندو

ھي به پڙھندا

علي گوهر مهر جي اتحادي 8 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل