گيهه ۽ کاڄري تيل جي قيمت ۾ 500 کان 1100 تائين اضافو

0
188

يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي

گذريل حڪومت تي تنقيد جا تير هلائيندڙ شهباز حڪومت پاڻ به اُنهن جي رستي تي هلندي عوام جو جيئڻ تنگ ڪرڻ وارا فيصلا شروع ڪري ڇڏيا آهن

حڪومتي دعوائن اُبتڙ يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي کانپوءِ کاڄرو تيل ۽ گيهه جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آھي، مختلف ڪمپنيز جي گيهه جو 5 ڪلو وارو دٻو 550 کان 1155 رُپيا مهانگو ٿي ويو

پنج لِٽر کاڄرو تيل جي اگهن ۾ 545 کان 982 رُپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کاڄرو تيل ۽ گيهه جا وڌايل اگهه اڄ کان لاڳو ٿي ويا

وفاقي حڪومت دعويٰ ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 950 رُپين مان گهٽائي 800 ڪيو ويو آهي

 کنڊ جو اگهه 85 مان گهٽائي 70 رُپيا في ڪلو ڪيو ويو، في ڪلو گيهه تي به هڪ سئو رُپيا سبسڊي ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي