سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) آءِ بي سکر پاران استادن جي ڀرتين جي حوالي سان جي ايس ٽي ٽيسٽ جي حتمي ميرٽ لسٽ جاري ڪري ڇڏي آھي. لسٽ موجب هڪ لک 63 هزار کان وڌيڪ اميدوارن مان رڳو 1362 اميدوار پاس ٿي سگهيا آھن. ميرٽ لسٽ ۾ مجموعي طور 55 ۽ هر پيپر ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن جا نالا شامل آهن. ٻئي پاسي 2 آڪٽوبر تي (اڄ) پي ايس ٽي جا نتيجا جاري ڪيا ويندا. هوڏانهن آءِ بي اي سکر پاران هڪ پريس پڌرائي جاري ڪري چيو ويو آھي ته ڪيز جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيل نشاندهيءَ جو جائزو ورتو ويو آھي، جيڪي سڀ غلط آھن. پريس بيان ۾ چيو ويو آھي ته ادارو صرف ايس ٽي ايس وارين جوابي ڪيز جو ذميوار آھي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايل ڪيز جو ذميوار نه آهي.