ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جنگ گروپ جي باني مير خليل الرحمان جي گهر واري ۽ نامياري صحافي مير شڪيل الرحمان جي امڙ محموده خليل الرحمان 95 سالن جي ڄمار ۾ ڪالهه لاڏاڻو ڪري وئي، کيس ڪراچي جي سوسائٽي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڪراچي جي صحافين پاران مير شڪيل الرحمان سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي صدر سرمد علي ۽ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين سهگل لاکاڻيءَ ۽ ٻين عهديدارن طرفان بيگم محموده خليل جي فوتگيءَ تي گھري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اي پي اين ايس جي عهديدارن مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا ڪندي چيو آهي ته اسين ته مرحومه جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.