ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي ) نيب پاران خانگي ڪمپني جا 9 بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جي منظوري، اين آءِ سي وي ڊي خلاف هلندڙ انڪوائري کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي به سفارش، ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري انڪوائري کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ان ڏس ۾ نيب ڪراچي جي ڊي جي ڊاڪٽر نجف مرزا جي سربراهي ۾ ريجنل بورڊ جو اجلاس ٿيو، نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريجنل بورڊ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي آفيسرن، عهديدارن ۽ ٻين خلاف مجاز اٿارٽي کي انڪوائري جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جوابدار غيرقانوني مقررين ۽ ڪروڙين رپين جا غيرقانوني الائونس ڏيڻ ۾ملوث آهن، پڌرائي موجب بورڊ اين آءِ سي وي ڊي جي آفيسرن ۽ ٻين خلاف اسپتال جي مختلف طبي اوزارن جي خريداري ۾ بيضابطگين جي حوالي سان به مجاز اٿارٽي کي انڪوائري جي اجازت ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي، پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته بورڊ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام هيٺ انڪوائري کي پڻ جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، پڌرائي موجب نيب رڪارڊ موجب جوابدار رائو انوار اربين رپين کان وڌيڪ جا اثاثا جمع ڪيا آهن. نيب پڌرائي موجب بورڊ صحت کاتي جي پروگرام پي پي پي موڊ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر احسان الله خان، غربت جي خاتمي (پي اِي آءِ) جي سي اي او شاهد يوسف ۽ ٻين خلاف انڪوائري کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جوابدار مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي صحت کاتي جا ٺيڪا پنهنجن من پسند ڪمپنين کي ڏيڻ ۾ ملوث آهن، هنن قومي ناڻي کي ساڍا 32 ڪروڙن (325ملين) جو نقصان رسايو. بورڊ جوابدار اعجاز الرحمان ۽ ٻين خلاف انڪوائري کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي منظور ڏني، جوابدار اعجاز الرحمان ۽ ٻين الرحمان امپيڪس فرم جي نالي تي عوام سان 10 ڪروڙن جو فراڊ ڪيو، اها ڪمپني چانورن، ڪپڙي ۽ بيڊ شيٽس (چادرن) جي ڪاروبار ۾ملوث آهي، بورڊ خانگي ڪمپني گولڊ ٽرانسمٽ نيٽ ورڪ ٽيڪنالاجي جا 9 بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ڄاڻايل خانگي ڪمپني عوام کان غيرمجاز ڊپازٽ گڏ ڪرڻ ۽ جعلي اسڪيمن جا ويب سائيٽن تي اشتهار ڏئي عوام ڳري منافعي جون آڇون ڪرڻ وارين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي