جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نوجوان ناري کي شادي جو ڏٽو ڏئي لڄ لٽڻ جو انڪشاف، ناري پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي تي پھچي وئي، الزام هيٺ آيل نوجوان گرفتار. خبر موجب مھاجر ڪالوني جي رهواسڻ 18ورھين جي فوزيه لاشاري ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته پاڙي جي نوجوان جھانگير ڪٽو شادي جو ڏٽو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو، هن ٻڌايو ته ڪجهه عرصي بعد نوجوان شادي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ناري موجب نوجوان سان سان فون تي دوستي ٿي، جنهن بعد هو شادي جو ڏٽو ڏئي 6 مھينن تائين لڄ لٽيندو رھيو، ناري ٻڌايو ته نوجوان ھاڻي شادي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ناري موجب هوءَ نوجوان جي گهر وئي ته والدين چيو ته تون بدڪردار آهين، اسان شادي نه ڪرائينداسين، پوليس ناري جي اين سي داخل ڪري الزام هيٺ آيل نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ناري کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.