بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ۾ آئل ايجنسي کي يو پي ايس مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان اندر رکيل ڊيزل ۽ پيٽرول سڙي ويو، باهه جو اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو پر فائر برگيد عملو نه پهچڻ سبب شهر واسين پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران فوجي جوان مراد علي چاچڙ، صدر الدين ملڪ سميت ٽي ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان هڪ زخمي مراد علي چاچڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب پنو عاقل ڇانوڻي ريفر ڪيو ويو.