جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور محمد پٺاڻ ڀرسان پهلوان فقير روڊ تي ڪچري جي ڍير مان ٻوري بند لاش هٿ آيو.  علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب دفنائڻ لاءِ ايڌي حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب ٻوري ۾ بند پيل لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. فوتي جي عمر 40 جي لڳ ڀڳ هئي، جنهن جي جسم تي تشدد جا نشان هئا ۽ کوپڙي به ٻاهر نڪتل هئي، لاش 4 کان 5 ڏينهن پراڻو هئڻ سبب ڳري ويو، لاش جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي، لاش ضروري ڪارروائي بعد دفنائڻ لاءِ ايڌي جي حوالي ڪيو ويو آهي.