سن (ن پ ا) ڇڇر ايٽ سن  ٿاڻي تان جوابدار لاڪ اپ مان فرار ٿي ويو، پوليس کيس نه پڪڙي سگهي، ان ڏس ۾   5 ڏينهن اڳ سن شھر ۾  2 دڪانن کي کاٽ ھڻي لکين رپين جي چوري ڪئي وئي،   ڇڇر ايٽ سن پوليس ۽ شھري  کوجي ڪتي جي مدد سان ھڪ جوابدار ضياءَ شاھ پٽ سيد بابو شاھ  کي گرفتار ڪيو ھو، اڄ  جوابدار ضياءَ شاھ ٿاڻي مان  لاڪ اپ ٽوڙي فرار ٿي ويوآهي،  جڏهن ته پوليس ڪيترائي   ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود  جوابدار کي ھٿ نه ڪري سگهي آهي، ٻي طرف شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن   غلام علي شاھ، امان الله شاھاڻي، خادم شاھ،  امتياز ملاح ۽ ٻين چيو ته  پوليس مٿان سياسي دٻاءُ هو، جنهن ڪري  پوليس ھٿ سان جوابدار کي فرار ڪرايو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته ايس ايس پي مامري جو نوٽيس وٺي ٻي صورت ۾ شٽربند هڙتال ڪنداسين. هوڏانهن ڇڇر ايٽ سن ايس ايچ او شاھنواز ملھڻ ٻڌايو ته جوابدار جا مائٽ  ھر ھر ٿاڻي تي تنگ ڪري رھيا هئا   ملاقات لاءِ، ان لاءِ جوابدار کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.