ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اڪيڊمڪ ڪنسورشيم پاران ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز جي سهڪار سان ڪراچي ۾ “سنڌي تقريري مقابلو” ڪرايو ويو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ اسڪولن جي شاگردن حصو ورتو، تقريري مقابلي ۾ محمد رضوان پهرين ۽ محمد انس ميراڻي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي. ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ شاگردن پاران ٽيبلوز به پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي پرائيويٽ اسڪولز جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفيعه ملاح چيو ته ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ تقريري مقابلو ٿيو آهي، جنهن ۾ اردو سميت مختلف ٻولين جي شاگردن سنڌي ۾ تقريرون ڪري پوزيشن ماڻي هي. هن چيو ته فيبروري مهيني کان سڄي سنڌ ۾ اهڙا پروگرام ڪرايا ويندا