جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ آباد  ٿاڻي جي حد مان مبينا طور 4 سال اڳ اغوا ٿي ويل ناري سلميٰ ۽ سندس ڀاءُ 8 ورهين جو جانب جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جي ميمبر اڳوڻي ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ھاڻوڪي ايس ايس پي ڪيماڙي شمائل رياض ملڪ، ڊي ايس پي شهيد بينظير آباد عطا محمد سومرو، ڊي ايس پي شڪارپور بدرالدين جتوئي پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو، ايس ايس پي مسعود بنگش کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 4 سال اڳ 2018 ۾ عرض محمد ٻاجهاڻي عدالتي حڪم ذريعي آباد ٿاڻي تي شهيد بينظير آباد جي علائقي جمال شاهه جي رهواسين سب انسپيڪٽر آدم خان زرداري، امام بخش زرداري، عطا محمد زرداري ۽ شهباز علي زرداري تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو،