سکر(بيورو رپورٽ) ايس آءِ يو ٽي شبلاڻي سينٽر سکر ۾ پھرين روبوٽڪ سرجري يونٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آھي جنھن جو افتتاح صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو  ايس آءِ يو ٽي جي باني پروفيسر ڊاڪٽر اديب رضوي ڪيو، تقريب ۾ سينيئر ڊاڪٽرز پروفيسر ڊاڪٽر عبدالصبور سومرو، ڊي ايچ او سکر ڊاڪٽر جميل مھر، ايم ايس سکر ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي، ڊاڪٽر نويد مھر، ڊاڪٽر اقبال دائودپوٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران صحت کاتي سنڌ جي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جن علائقن ۾ صحت مرڪزن کي نقصان پھتو اُتي ٽينٽ توڙي موبائيل اسپتالون قائم ڪري مريضن کي سھولتون فراھم ڪيون، مان سمجھان ٿي ته ٻوڏ دوران صحت جي سھولتن واري فراھمي ۾ ڪابه ڪوتاھي ناھي ٿي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڊاڪٽرز کي نان پريڪٽس الائونس ڏيون ٿا، ھاڻي ڊاڪٽرن جي ذميواري آھي ته محنت سان ڪم ڪن حرام نه کائين، ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج انسان ذات لاءِ عذاب بڻجي وڃي ٿو، روڊن تي اچڻ زيادتي آھي، رسڪ الائونس ڪووڊ سبب ڏنو ھو، اُن کي ڏيڻ ھاڻي ناانصافي آھي، ماڻھن جون تڪليفون ڏسي نان پريڪٽس الائونس وڌايون ٿا ۽ معامرو ڪيبينيٽ ۾ اماڻيو آھي، سکر سول اسپتال مان معصوم ٻارڙي جي اغوا ٿيڻ متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير صحت جو چوڻ ھو ته ٻار جو خيال رکڻ سندس والدين جي ذميواري آھي، ٻارڙي جي اغوا ٿيڻ ۾ والدين جي غلطي آھي  اِن سان گڏ مان انتظاميا کي به ذميوار سمجھان ٿي، انھن کي اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ بھتر قدم کڻڻ گھرجن، ماڻھو اسپتال اچن ٿا ته اسان جي امانت آھن، اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وينديون، سکر ۾ تعمير ٿيندڙ ڪورين اسپتال ۾ سمورو سي سي ٽي جو انتظام آھي. سکر سول اسپتال سميت ٻين اسپتالن ڊاڪٽرن جي کوٽ متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوھو چيو ڊاڪٽرن جي ھر جڳهه تي کوٽ آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ھجڻ ڪري اسان جي لاءِ پريشانيون ھيون، ھاڻي ڪميشن کي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي گھربل ضرورتون ڏنيون آھن جلد ڀرتيون ٿينديون. سکر جي نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽر طرفان فريڪچر واري ڄنگهه بجاءِ صحيح ڄنگهه جو آپريشن ڪرڻ واري سوال شروع ٿيڻ شرط ئي ڊاڪٽر عذرا پيچوھو ڪاوڙجي جواب ڏيڻ بجاءِ جواب ڏئي چڪي آھيان چئي پروگرام مان اُٿي ھلي وئي.