جيڪب آباد: جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم عدالتي حڪم تي اغوا ڄاڻايل ناري سليمه ۽ جانب کي بازياب ڪرائڻ بدران کين قتل ڪرڻ جي رپورٽ عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي پي ڊي ايس پي عطا محمد سومرو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ناري سليمه کي بلوچستان جي علائقي مٺڙي ۾ چاچن نصير احمد، شبير ۽ بابو ڪاري ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عدالت پاران قتل ٿيڻ جا ثبوت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي ته پوليس ثبوت ڏيڻ ناڪام ٿي وئي جنهن سبب ڪيس جي ٻڌڻي هلندڙ آهي