جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي پوج ھندو جنرل پنچائت جو سينيئر نائب صدر نارائڻ داس مٽياني 73 ورھين جي ڄمار ۾ سکر جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنھن جو مڙهه سکر کان جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ھندو پنچائت جي اڳواڻ جون آخري رسمون جيڪب آباد ۾ اڄ ادا ڪيون وينديون، سوڳوارن ۾ 2 پٽ 4 نياڻيون ڇڏيون آهن.