ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيان خان آپگهات ڪيس جو 10 سالن بعد فيصلو اچي ويو، اداڪار سورج پنجولي کي بري ڪيو ويو. تفصيل موجب ممبئي جي خصوصي عدالت 10 سالن بعد ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، اداڪارا جو دوست ۾ ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سورج پنجولي به موجود هو، عدالت ثبوت نه ملڻ سبب اداڪارا جي دوست کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته جاچ دوران ڪيس ۾ ڪي به ثبوت ناهن مليا ۽ ثبوت نه ملڻ سبب سورج پنجولي کي ڏوهاري قرار نٿو ڏئي سگهجي. واضح رهي ته ادڪارا جيان خان 2013 ۾ آپگهات ڪيو هو جڏهن ته سندس دوست اداڪار سورج پنجولي تي 2018 ۾ باضابطا  فرد جرم لاڳو ٿيو هو.