مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر سميت پوري ضلعي ۾ ڪٿي به ڪرڪيٽ گرائونڊ نه ٺهي سگهيو، رانديگر روڊن ڀرسان قائم ميدانن تي راند کيڏڻ تي مجبور، مٽياري ضلعي کي ٺهندي ڏهن ڏاڪن کان مٿي جو عرصو گذري وڃڻ باوجود ضلعي هيد ڪوارٽر مٽياري، هالا، ڀٽ شاھ، نيو سعيدآباد، کيبر، سيکاٽ، اڏيرولال وليج، اڏيرولال اسٽيشن سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪٿي به ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪرڪيٽ گرائونڊ نه جڙي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪرڪيٽر شهرن جي ڀرسان روڊن تي قائم ميدانن تي راند کيڏڻ تي مجبور بڻيل آهن ان ڏس ۾ رانديگرن فواد حاجاڻو، واجد درس، عمير سمون، دلشير ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته مٽياري ضلعي جي هر ننڍي وڏي شهر توڙي ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين وڏي انگ ۾ موجودھ آهن پر ضلعي توڙي سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي سبب ضلعي اندر ڪٿي به ڪرڪيٽ گرائونڊ نه جڙي سگهيو آهي جنهن سبب اسان روڍن ڀرسان قائم ميدانن تي پنهجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ روزانو راند کيڏندا آهيون اسان قومي شاھراھن ڀرسان راند کيڏندي پنهجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهون ٿا ۽ اسان جي رانديگر دوستن سان ڪيترا ئي واقعا پيش پڻ آيا آهن پر ڇا ڪريون اسان پنهجي شوق اڳيان مجبور آهيون هنن چيو ته روزانو شا۾ جي وقت روزانو لڳ ڀڳ 200 کام مٿي روزاني بنيادن تي ڪرڪيٽ ٽيمون ون ڊي جون مئچون کيڏندا آهيون جتي سوين شائقين ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ لاءِ پڻ ايندا آهن پر اسان جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. هنن چيو ته فقط مٽياري ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سيد جلال شاھ اسان کي هڪ پلاٽ کي چوديواري ڏياري ڏني آهي جتي اسان راند جو هفتيوار مئچون کيڏندا آهيون پر اهو به عارضي گرائونڊ آهي هنن چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪريون ٿا مهرباني ڪري اسان کي تعلقي ليول تي ڪرڪيٽ گرائونڊ قائم ڪري ڏنا وڃن ته اسان محفوظ نموني سان پنهجو شوق پورو ڪري سگهون.